53

26هين آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ گهرايو، جسٽس منصور ۽ منيب جو خط، چيف جسٽس انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي 3 سينئر ترين ججز 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي سخت اختلافن جو شڪار ٿي وئي آهي.

رپورٽن موجب 2 سينئر ترين ججز جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر 31 آڪٽوبر تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 جي تحت ڪم ڪندڙ ڪميٽي جو فوري اجلاس گهرائڻ جي لاءِ خط لکيو هو پر ان جي باوجود چيف جسٽس اجلاس نه گهرايو، جنهن تي ٻن ميمبرن جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب جسٽس منيب اختر جي چيمبر ۾ اجلاس ڪيو.

ڪميٽي جي ٻنهي ميمبرن اڪثريت سان فيصلو ڪيو ته 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستون 4 نومبر تي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ لڳايون وڃن. پر آئيني درخواستن کي لڳائڻ ڪابه ڪاز لسٽ جاري نه ڪئي وئي.

جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب ٻنهي گذريل ڏينهن چيف جسٽس آفريدي کي هڪ ٻيو خط لکيو جنهن ۾ انهن پنهنجي فيصلي موجب 26هين آئيني ترميم جي خلاف آئيني پٽيشڻ کي طئي نه ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو.

خط ۾ ججز لکيو ته جيئن ته اوهان کي خبر آهي ته ايڪٽ جي سيڪشن 2(2) شق جي تحت ڪميٽي کي صحيح ميمبرن 31 آڪٽوبر 2024 تي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي  ته جيئن 26هين ترميم کي چيلينج ڪندڙ آئيني درخواستن جي تعين ۽ ٻڌڻي تي فوري غور ڪري سگهجي.

معاملي جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي اسان ايڪٽ جي2(2) شق جي تحت ڪارروائي ڪندي انهي ڏينهن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪيو جنهن جي فيصلي جي باري ۾ انهي ڏينهن فوري طور تي آگاهه ڪيو ويو هو جيڪو ايڪٽ جي شق 2 (3) جي تحت موثر آهي.

ڪميٽي جي فيصلي موجب 26هين آئيني ترميم کي چيلينج ڪندڙ آئيني درخواستن کي فل ڪورٽ جي سامهون رکيو وڃي ۽ 4 نومبر 2024 تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مذڪوره آئيني درخواستن جي معاملي ۾ 4 نومبر تي فل ڪورٽ جي ڪا ڪاز لسٽ جاري نه ڪئي وئي جنهن تي ڪميٽي کي گهري ڳڻتي ۽ افسوس آهي.

ڪميٽي جو اهو فيصلو برقرار آهي ۽ انهي جو اثر هوندو. انهي ڪري اسان انهي ڳالهه تي مجبور آهيون ته فل ڪورٽ جي سامهون مذڪوره بالا آئيني درخواستن کي هلندڙ هفتي مثبت انداز ۾ طئي ڪريون ۽ انهي موجب فوري طور تي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وڃي. خط موجب ڪميٽي جي اڳوڻي فيصلي جي ذريعي رجسٽرار کي 31 آڪٽوبر 2024 جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي  وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں