64

ججز جو تعداد ۽ سروسز چيف جو مدو وڌائڻ وارو معاملو، پي ٽي آءِ جو جي يو آءِ سان رابطو

اسلام آباد: پارليامينٽ مان ججز جو انگ وڌائڻ ۽ سروسز چيف جو مدو وڌائڻ جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي يو آءِ(ف) سان رابطو ڪري اهم ملاقات طئي ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو اعليٰ سطحي وفد اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو، پي ٽي آءِ وفد اڄ ٻنپهرن جو مولانا فضل الرحمان سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو.

ملاقات ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ ترميم بابت مشاورت ٿيندي جڏهن ته اپوزيشن پارٽيون آئنده جي صورتحال تي لائحه عمل طئي ڪنديون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وقتي صدر يوسف رضا گيلاني سروسز چيفس جي ملازمت واري مدي ۽ ججز جي انگ ۾ واڌ بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ٿيندڙ بلز جي منظوري ڏني هئي.

وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي صحيح کان پوءِ سموريون 6 ترميمون بلز قانون بڻجي ويون آهن اهڙن تمام قانونن کي گزٽ نوٽيفڪيشن جي لاءِ اماڻيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سومر تي 6 بلز جي منظوري ڏني هئي جنهن جي تحت آرمي، نيول ۽ ايئر فورس چيفس جو مدو هاڻ 3 سالن مان وڌي پنج سال ڪيو ويو آهي.

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ 35 ڪرڻ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جو انگ 9  مان 12 ڪرڻ جو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو هو جنهن جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں