63

بجلي جون وڌندڙ قيمتون: ملڪ ۾ سولر پينل لڳرائڻ جو رڪارڊ ٽٽي ويو

اسلام آباد: بجلي جي اضافي قيمتن سبب سڄي ملڪ ۾ سولر تي بجلي لڳرائڻ جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن.

نيپرا جي اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ مالي سال 23 جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ سولر پينل ۽ نيٽ ميٽر لڳرائڻ وارن ۾ لاهور پهرين نمبر تي آهي. ليسڪو ۾ مالي سال 2023 ۾ 19 هزار کان وڌيڪ صارفين نيٽ ميٽر لڳرايا.

اسلام آباد جي شهري نيٽ ميٽرنگ ۾ ٻئي نمبر تي آهي. آئيسڪو مالي سال 2023 ۾ 14 هزار 958 صارفين نيٽ ميٽر لڳرايا. ملڪ جو سڀني کان وڏو شهر ڪراچي نيٽ ميٽرڪ ۾ ٽئين مبر تي رهيو. ڪراچي ۾ مالي سال 23 ۾ نيٽ ميٽرز جو انگ 4512 رهيو. مالي سال 24 ۾ انهي ۾ تقريبن 50 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو  هينئر تائين 6300 جي ويجهو پهچي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي مالي سال 2023 ۾ 48 هزار 689 نيٽ ميٽر لڳرايا. نيٽ ميٽر ۾ ڪمرشل جو انگ سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 229 آهي جڏهن ته صنعتي صارفين جو انگ 2 هزار 303 آهي. نيٽ ميٽرز لڳرائيندڙن ۾ وڌيڪ انگ رهائشي صارفين جو آهي. صنعتي علائقن ۾ به نيٽ ميٽرز لڳرائڻ وارن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ نيٽ ميٽرز لڳڻ سان ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ نيٽ ميٽر لڳڻ هاڻ ممڪن نه رهيو آهي. اهڙن علائقن ۾ ڊي ايڇ اي، گلشن اقبال، محمد علي سوسائٽي، پي اي سي ايڇ ايس، ڪلفٽن، ڪورنگي، ايف بي ايريا ۽ نارٿ ڪراچي شامل آهي.

ذريعن موجب اهڙن علائقن ۾ پي ايم ٽي 80 سيڪڙو ڪيپسٽي پورو ڪري چڪي آهي. نيپرا قانون جي تحت پي ايم ٽي تي 80 سيڪڙو لوڊ تائين نيٽ ميٽرز لڳائي سگهجن ٿا جڏهن ته انهي کان وڌيڪ  تي نيٽ ميٽر نٿا لڳائي سگهجن. نيپرا قانون جي تحت ڪيپسٽي وڌائڻ جي لاءِ صارفين کي اضافي خرچ ڏيڻا پوندا آهن.

ٽن سالن ۾ پاور ٽيرف 155 سيڪڙو وڌائڻ سان گهريلو ۽ ننڍيون صنعتون سولر انرجي تي منتقل ٿي رهيون آهن. ملڪ ۾ گذريل سال چين مان 2.1 ارب ڊالر جا سولر پينلز درآمد ڪيا ويا. پاڪستان چائنيز سولر ۾ دنيا جو ستون وڏو درآمدي ملڪ آهي. سال 2024 ۾ پاڪستان 17 گيگاواٽ سولر پينل درآمد ڪيو آهي. مقامي مارڪيٽ ۾ ٻن هفتن کان سولر پينلز جي قيمتن ۾ مرضي موجب اضافو ڪيو ويو آهي.  

2 هفتا اڳ 585 واٽ هاءِ فشل في پينل جي قيمت گهٽ ٿي 16 هزار روپين تي اچي وئي هئي. پينلز جي کوٽ پيدا ڪري 585  واٽ هاءِ فشل جي قيمت بنا ڪنهن جواز جي 2250 روپين مان وڌائي وئي آهي، مارڪيٽ ۾ 585 واٽ هاءِ فشل سولر پينل 18250 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں