73

پاڪستان ۽ ايران جو سرحدي معاملن سميت دهشتگردي جي چيلنجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪستان ۽ ايران سرحدي معاملن سميت دهشتگردي جي چيلنجز سان گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ايراني پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن. وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته ايراني پرڏيهي وزير سان خطي جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان جي ڳالهين ۾ عالمي برادري سان غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختاري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ سرحدي معاملا ۽ گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته دهشتگردي جي ذريعي خود اراديت کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشمير جي مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي سميت ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏيندا آهن. اسرائيلي ڪارروايون  عالمي ۽ انساني حقن جون به کليل ڀڃڪڙيون آهن. گڏيل  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي  لاءِ گڏيل چيلينج آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته پاڪستان جو مسئلو فلسطين تي واضح ۽ ٻن لفظن ۾ چٽو موقف آهي. گڏيل قومن فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي.

هن چيو ته خطي ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. پاڪستان فلسطين ۽ لبنان جي پناهگيرن جي انساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل چيلينج آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں