اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي 3 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پوليس امن امان ۾ رنڊڪ وجهڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر عامر ڊوگر، زين قريشي ۽ معين رياض کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا ٽئي اڳواڻ احتجاج ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا هئا. ٽنهي ايم ايز کي نقصان ۽ امن جي خطري تحت نظر بند ڪيو ويو آهي.
انهي کان علاوه پوليس چيچه وطني مان ايم اين اي راءِ حسن نواز کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. اڳوڻي ناظم رانا مبشر ۽ اڳوڻي سيڪريٽري بار رانا جواد کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ڪارڪنن کي ساهيوال ٿاڻي، فتح شير منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب سرگودها روڊ کان پي ٽي آءِ جي ايم پي اي بشارت ڊوگر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن اسلام آباد پوليس به ڪومبنگ آپريشن ڪندي پي ٽي آءِ جي 300 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو هو.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان مختلف قافلا اسلام آباد جي لاءِ روانا ٿي ويا آهن جنهن کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت مختلف هنڌن تي ڪنٽينر بيهاري ڇڏيا آهن.