لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي قوم کي جاڳڻ جو چئي پاڻ اگهور ننڊ سُمهي رهي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته لاهور ۾ هن وقت سڪون آهي، ماڻهو ناشتو ڪري رهيا آهن ۽ موڪل جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. صوبائي راڄڌاني ۾ ڪنهن به قسم جي افراتفري نه آهي. هن چيو ته لاهور مان ڪوبه هڪ ماڻهو ٻاهر ناهي نڪتو. پنجاب ۾ هنن جا 103 ايم پي ايز آهن، بشريٰ بي بي انقلاب جي لاءِ ويندڙ احتجاج ۾ شرڪت نٿي ڪري سگهي، بشريٰ باجي قوم کي جاڳڻ جو چئي پاڻ سُمهي رهي آهي، بشريٰ بي بي بيان ڏئي پنهنجو فون به بند ڪري ڇڏيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته مان روز انتظار ڪندي آهيان ته قاسم ۽ ان جو ڀاءُ به پيءُ جي لاءِ اچن، پي ٽي آءِ جو انقلاب ڪٿي روڊن تائين محدود نه ٿي وڃي.، ڪي پي ڪي وارا صرف تماشو لڳائيندا، علي امين گنڊاپور اڃان تائين ننڊ مان نه جاڳيو آهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير دعويٰ ڪئي ته علي امين گنڊاپور احتجاج ڪندڙ استادن کي چيو ته احتجاج ۾ شامل ٿي وڃو اوهان جا مطالبا مڃيا ويندا اڄ ورڪ فرام هوم ۽ ورڪ فرام سٽي ٿيندو. صوبائي وزير چيو ته ڪالهه ايف 10 اسلام آباد مان 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا اهي ڪنهن جا مهمان هئا انهي جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد ۾ اڄ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت ۽ ڪي پي ڪي مان راولپنڊي ۽ اسلام آباد ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. مختلف شهرن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس به متاثر آهي جڏهن ته جڳهه جڳهه تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن.