اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان، ان جي گهر واري بشريٰ بي بي، ڀيڻ عليمه خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي خلاف دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عمران خان ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف ڪيس ٽيڪسلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي سميت 13 قلم شامل ڪيا ويا آهن. عمران خان، عليمه خان، بشريٰ بي بي، علي امين گنڊاپور کان علاوه اڳوڻي صدر عارف علوي، شهريار رياض، حماد اظهر، اسد قيصر ۽ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عليمه خان جي ذريعي عوام کي 24 نومبر جي لاءِ احتجاج جو پيغام ڏنو، بشريٰ بي بي 19 نومبر جي وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ جو چيو. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن پُرتشدد احتجاج ڪري شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ۽ ڀڃ ڊاهه کان علاوه باهيون به ڏنيون. جوابدارن رياستي ادارن جي خلاف نعرا لڳايا ۽ عوام ۾ خوف وحراس پکيڙيو.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي احتجاج کان ڪجهه ڏينهن اڳ اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ عليمه خان عمران خان جو پيغام ڏيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ باني 24 نومبر تي احتجاج جي فائنل ڪال ڏئي ڇڏي آهي.