23

پي ٽي آءِ اهڙي وقت احتجاج ڇو ڪندي آهي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انصاف هر ڀيري ڇو اهڙي وقت تي احتجاج جو سڏ ڏيندي آهي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن؟

پنهنجي هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار  سوال اٿاريو ته هي سياسي احتجاج آهي يا ملڪ جي عزت، وقار جي خلاف سوچيل سمجهيل سازش آهي. نائب وزيراعظم چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي  ڪريل سياست کان وڌيڪ اوليت ڏيو.

ياد رهي ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو پشاور کان نڪرڻ وارو قافلو عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ ڍوڪ شهر پهچي ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جا رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي ٽي اڳواڻن جي دعويٰ  آهي ته پنجاب جي مختلف شهرن مان هينئر تائين 490 ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي  جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں