لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٽڙي پکڙجي چڪي آهي، هي نٿا چاهين ته پي ٽي آءِ باني ڳالهيون ڪري.
پنهنجي ڳالهين دوران هن سوال ڪيو ته بشريٰ بي بي ته غير سياسي هئي، اها سياسي جلوسن جي اڳواڻي ڪيئن ڪري رهي آهي؟ جيڪڏهن بشريٰ بي بي کي ئي اڳواڻي ڪرڻي هئي ته پوءِ موروثي سياست خلاف نعري جو ڇا ٿيو؟
ٻئي طرف(ن) ليگي اڳواڻ طلال چوڌري دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي فائنل ڪال صرف ڪجهه سئو ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي سگهي، حڪومتي حڪمت عملي ڪامياب رهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پنجاب بلوچستان سنڌ مان ماڻهو ناهن نڪتا هنن جا پنهنجا ماڻهو به متفق نه آهن.
طلال چوڌري چيو ته سزا يافته ماڻهو کي آزاد ڪرائڻ لاءِ بغاوت ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف کي سياسي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڌرڻن ۽ احتجاجن سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.