83

سعودي هم منصب سان ڳالهيون ٿيون آهن، حج خرچ گهٽ ڪنداسين: مفتي عبدالشڪور

اسلام آباد(بيورو)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو آهي ته سندس سعودي هم منصب سان ڪامياب ڳالهيون ٿيون آهن، اميد آهي ته هو حج خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهندا.سعودي عرب جي دوري کان واپسي کانپوءِ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو ته 2014ع ۾ حاجين لاءِ جيڪا 1200 ريال ۾ ورتي وئي هئي اها هن سال 700 ريال ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي.هن چيو ته منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات ۾ زائرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن ڀيري سعودي حڪومت سمورن ملڪن لاءِ هڪ جهڙي پاليسي جو اعلان ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں