30

نئون سال سڀني لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو، ڪابه تبديلي نه ايندي، وڏن کي اپيل ڪريان ٿو ته ننڍن کي معاف ڪري ڇڏيو: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نئون سال سڀني لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو، هن سال ڪابه تبديلي نه ايندي، وڏن کي اپيل ڪريان ٿو ته ننڍن کي معاف ڪري ڇڏيو.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته هن سال ڪابه تبديلي نظر نه پئي اچي.، وڏن کي اپيل ڪريان ٿو ته ننڍن کي معاف ڪريو، حالتون تمام گهڻيون خراب آهن.

شيخ رشيد چيو ته اسان پاڪستان ۾ به نه هئاسين پر ان باوجود اسان جي مٿان داخل ڪيسن کي 2 سال ٿي ويا آهن. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته نئون سال سڀني لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو جيڪي سوچي ويٺا آهن ته نئين سال ۾ وڏي تبديلي ايندي ته اها انهن جي ڀُل آهي  هن سال ڪابه تبديلي نه ايندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪا اهميت نٿي رکي انهن جي ڪوبه نٿو ٻڌي. جيل ۾ ملاقاتن جون تاريخون تبديل ٿي رهيون آهن خبر ناهي  ته ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں