31

عمران خان جي نااهلي تي احتجاج: عدالت علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: عمران خان جي نااهلي تي احتجاج واري ڪيس ۾ عدالت علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمران خان جي نااهلي تي احتجاج جي ڪيس ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ واثق قيوم، فيصل جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپراءِ ڪئي. عدالت ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عمر تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته عامر ڪياني جي خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران فيصل جاويد طرفان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جي لاءِ درخواست به داخل ڪئي وئي. عدالت غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ درخواستن تي دليل طلب ڪري ورتا. ياد رهي ته جوابدارن جي خلاف آءِ ٿاڻي 9 ۾ 2022ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں