14

ڪراچي ۾ ٽرڪ جي ٽڪر سبب وڌيڪ 4 موٽر سائيڪل سوار فوت، شهرين ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ روڊ حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب شهيد ملت روڊ بلوچ ڪالوني ويندڙ ٽريڪ تي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، حادثي کان پوءِ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته مڇريل شهرين پاڻي جي ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.

پوليس موجب گاڏي ۾ سوار شخص جي موٽر سائيڪل تي سوار ماڻهن سان ٽڪر ٿي جنهن کان پوءِ پويان کان ايندڙ پاڻي جي ٽينڪر ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر  هنيو  جنهن سبب هڪ موٽر سائيڪل تي سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻئي تي سوار هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

بلديه ٽائون ڀرسان حب ريور روڊ تي به واتر ٽينڪر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته انهي واقعي ۾ به ٽينڪر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پوليس موجب ڪاٺور وٽ ڪار سوار جي ٽڪر سبب زخمي ٿيندڙ ڪوسٽ گارڊ اهلڪار به فوت ٿي ويو. ڪار سوار ڪجهه پري وڃڻ کان پوءِ  پنهنجي ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڪار سوار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

ڪورنگي ۾ ٿيندڙ هڪ حادثي ۾ چمڙا چورنگي ڀرسان ڪار موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار نالي ڪري پيو جنهن سبب هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس اختيارين موجب هلندڙ سال جي 10 ڏينهن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 261 زخمي ٿي پيا آهن.

سنڌ جي گورنر واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي  آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي سخت ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں