79

مهانگائيءَ جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي:مريم نواز

سرگوڌا (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو ته عام چونڊن ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته عوام لاءِ مهانگائيءَ جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي.سرگوڌا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان چئن سالن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪيو، هاڻ چئي ٿو ته شهباز شريف پنهنجي چئن هفتن جو حساب ڏئي، چئن سالن ۾ پاڪستان جي تباهي ڪئي وئي، هڪ اناڙي ۽ نااهل کي آڻي 22 ڪروڙ عوام تي مڙهيو ويو.هن چيو ته اڄ معيشت وينٽي ليٽر تي هلي وئي آهي، دهشتگردي وري ڪَر کڻي رهي آهي، عمران خان هڪ فتنو آهي، جنهن جنهن کيس پيئاريو، هن ان کي ئي ڏنگيو، جيستائين عمران خان جهڙو فتنو موجود آهي پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، ان فتني جو ٻيو نالو تباهي آهي، هر شهري، عدليا، فوج ۽ ميڊيا جو فرض آهي ته ان فتني کي روڪي.سندس چوڻ هو ته عمران خان ازل کان ڪوڙو شخص آهي، هن پنهنجي قتل جي سازش جو ڊرامو ڪيو، ڪو ثبوت نه ڏئي سگهيو، چئي ٿو ثبوت الماري ۾ بند ڪري رکيا آهن، اڳ ۾ به پرڏيهي سازش جو ڊرامو ڪيائين پر ڪو ثبوت فراهم نه ڪيائين.مريم نواز چيو ته هن ڪوڙا ڊراما ڪيا، ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو پر ڪوڙا خان توهان جي خلاف عوام وٽ وڏا وڏا ثبوت آهن، عمران خان! توهان وارَ پَٽيو يا اونڌا لڙڪو، توهان جي راند ختم آهي.ن ليگ نائب صدر جلسي ۾ موجود ماڻهن کان سوال پڇندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف هن وقت حڪومت ڇڏي ڏئي ته ڇا توهان ان کي ڪامياب ڪندئو؟ عوام لاءِ مهانگائي جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي، مان چوان ٿي ته حڪومت ڇڏي ڏيو ۽ ميدان ۾ اچي وڃو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں