واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل هٿان تباهه ڪيل پٽي غزه تي قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وائٽ هائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو سان پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه جي پٽي تي قبضو ڪندو ۽ اسان انهي جا مالڪ هونداسين. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزه تي قبضو ڪري اسان انهي کي مستحڪم ڪنداسين ۽ اتي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪنداسين. هن چيو ته غزه جي ملڪيت کي ڊگهي وقت کان ڏسي رهيو آهيان اسان غزه تي قبضو ڪري انهي کي ترقي يافته بنائينداسين جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ سان گڏ ٻين شهرين کي به ترسائڻ جو موقعو ملندو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته فلسطينين کي اردن ۽ مصر ۾ ترسايو ويندو، هاڻ ڏسڻو آهي ته اردن ۽ مصر جي اڳواڻن جو رد عمل ڪهڙو اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته خطي جي ٻين اڳواڻن کي انهي منصوبي بابت ٻڌايو جنهن کي انهن پسند ڪيو آهي. هن چيو ته فلسطينين وٽ غزه ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڙيسري ملڪ اردن ۽ مصر بي گهر فلسطينين کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ڇڏي.
وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين کان اڳ هن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل سان آمريڪي شموليت کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ هڪ دستاويز تي به صحيحون ڪيون. هن چيو ته هڪ صدارتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ايران جي خلاف هڪ سخت پاليسي کي ٻيهر لاڳو ڪيو ويو جنهن جو مقصد ملڪ کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ تيل جي برآمدات کي محدود ڪرڻ آهي.
وائٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن ۽ آمريڪا کي اهو حق حاصل آهي ته اهو ٻين ملڪن کي ايراني تيل جي وڪرو کي روڪي. ميمو تي صحيحون ڪندي ٽرمپ انهي کي تمام گهڻو مشڪل قرار ڏنو چيو ته هو انهي ڳالهه تي پريشان آهي ته اهو قدم کنيو وڃي يا نه. هن چيو ته اسان وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن ۽ اسان کي اميد آهي ته تهران سان ڪوبه معاهدو طئي ٿي ويندو.
هن اهو به چيو ته هو پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ايران کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي تهران جي ڪوششن کي ختم ڪري. ٽرمپ اڳوڻي صدر جوبائيڊن تي الزام لڳايو آهي ته هو تيل جي برآمد تي پابندين کي سختي سان لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جنهن جي باري ۾ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هن ايران کي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام ۽ وچ اوڀر ۾ هٿياربند مليشائين جي مالي مدد جي لاءِ تيل وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي حوصله افزائي ڪئي آهي.