ڄامشورو: اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ نواب غني ٽالپر سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن جي تنظيم جي اڳواڻن غلام قادر مغل ۽ ترابي انيس ميمڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي خودمختيار حيثيت کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
ملاقات دوران اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ نواب عبدالغني ٽالپر چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪارڪردگي سدائين شاندار ۽ ساراھ جوڳي رھي آھي، ھن قومي تعليمي خدمت ڪندڙ اداري تي اسان کي فخر آھي، خانگائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو.
نواب غني ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اهم اداري جي خود مختيار حيثيت کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي آهي. ملاقات دوران نواب عبدالغني ٽالپر کي موجوده صورتحال ۽ حاضر سروس ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن ۾ ڦهليل خدشن ۽ سنڌ سرڪار جي اهڙي غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلي خلاف ٿيندڙ احتجاج بابت به بريفنگ ڏني وئي.
نواب غني ٽالپر ملازمن جي تنظيم جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو تـ ھو ان بابت تعليم واري وزير سردار شاھ سان ڳالهائي کيس بورڊ جي منجھيل صورتحال بابت وضاحت ڪرڻ جو چوندو ۽ ضرورت پئي تـ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي بـ بورڊ جي وجود ۽ خود مختيار حيثيت کي قائم رکڻ جي اھميت تي زور ڏيندو جنهن کان پوءِ نواب غني ٽالپر ملازمن کي ڀرپور سھڪار جو يقين پڻ ڏياريو.