ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران تيز رفتار ڊمپرن جي ٽرڪ سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب شهرين جي فوتگين جو تازو ترين واقعو ملير بالٽ ۾ پيش آيو جتي ڊمپر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
حادثي ۾ فوت ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي فيملي هجرت ڪالوني جي رهواسي آهي جيڪا خدا جي بستي کان موٽر سائيڪل تي واپس اچي رهي هئي. وارثن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل سليم نجي ڪمپني ۾ چوڪيدار ۽ 6 ٻارن جو پيءُ هو، اسان غريب ماڻهو آهيون ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرڻ نٿا چاهيون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ملينيم شاپنگ مال وٽ تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا هئا. ريسڪيو ادارن جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ هلندڙ سال مختلف روڊ حادثن ۾ هينئر تائين 71 ڄڻا فوت ۽ 1044 زخمي ٿي چڪا آهن.