82

ڪراچي ۾ ٽريڪر ذريعي ڏوهارين تي نظر رکڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽريڪرز ذريعي عادي ڏوهارين تي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ ان حوالي سان ٻڌايو ته ٽريڪر بينڊ ذريعي ڏوهارين جي عادت تي نظر رکي ويندي، ٽريڪر کي جوابدارن جي ڪلهي تي ٻڌل هوندو.ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته عدالت جي حڪم تي عادتي ڏوهارين تي اي ڊيوائسز لڳايون وينديون، عادت موجب ڏوهارين کي ٽين پارٽي ٽريڪ ڪندي ۽ ٽين پارٽي جوابدارن جي هنڌ جي نگراني ڪندي، عدالت جي حڪم تي ڏوهن جي عادت ۽ حرڪت مانيٽر هوندي. ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته انگن اکرن موجب شهر ۾ 12 هزار عادي ڏوهاري آهن ۽ برطانيا ۾ 25 سالن کان عادت رکندڙ ڏوهارين جي ٽريڪرز ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں