73

عمران خان جي روس واري دوري جو دفاع ڪريون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

واشنگٽن (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته هو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري جو دفاع ڪري ٿو.نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جو دورو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو حصو هو، ڪنهن کي خبر نه هئي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ موجوده تڪرار شروع ٿي ويندو.هن چيو ته عمران خان جي روس جي دوري تي پاڪستان کي سزا ڏيڻ ناانصافي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں