74

پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي حمزا خلاف عدالت پهچي ويو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي به پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پرويز الاهي طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ حمزه شهباز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حمزا شهباز وڏي وزير جي چونڊ لاءِ گهربل ووٽ حاصل نه ڪيا ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ حمزا وٽ ووٽ ناهن،.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڊپٽي اسپيڪر حمزه شهباز کي وڏي وزير جي چونڊ ۾ بنا جواز ڪامياب قرار ڏنو، تنهن ڪري حمزا شهباز کي درخواست جي حتمي فيصلي تائين وڏي وزير جي عهدي تان معطل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں