77

ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال وڌي 6 هزار 580 ميگاواٽ ٿي ويو

اسلام آباد (م ڊ)  ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار گهٽجي 19 هزار 420 ميگاواٽ ٿي وئي آهي جڏهن ته طلب 26 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي.پاور ڊويزن ذريعن ٻڌايو آهي ته تيل جي کوٽ سبب بجلي جي پيداوار ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي ۽ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 580 ميگاواٽ ٿي ويو آهي. ذريعن موجب بجلي جي پيداوار 19 هزار 420 ميگاواٽ تي اچي وئي آهي ۽ بجلي جي ڪل طلب 26 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي، هن وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ۽ خانگي پاور پلانٽس کي ڪوئلي ۽ ايل اين جي جي مڪمل سپلائي نه ٿي رهي آهي، سپلائي لاءِ ڊالرن ۾ ادائيگيون ٿينديون آهن، پر عدم ادائگي سان ٻارڻ مهانگو ٿيندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں