78

نيب چيئرمين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽر) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ مقررين ۽ بدلين تي فوري پابندي لڳائي ڇڏي آهي.چيئرمين نيب هدايتون جاري ڪندي چيو ته سمورين تازين پوسٽنگز ۽ ٽرانسفرز تي عملدرآمد فوري طور بند ڪيو وڃي.نيب چيئرمين جاويد اقبال هيڊ ڪوارٽرز ۽ سمورن ريجنل بيوروز کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ياد رهي ته خميس ڏينهن چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ حڪومتي شخصيتن جي جاچ ۾ مداخلت تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته نيب کي سمورن هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ بدليون ۽ مقرريون روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں