69

شهباز شريف حڪمران حلقن کان ڏيڍ سال جي گارنٽي جي خيرات گهري رهيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف هڪ ووٽ جي اڪثريت تي حڪمران حلقن کان ڏيڍ سال جي خيرات گهري رهيو آهي، جيڪا کيس نه ملي رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته هاڻي ڀائٽي به چوي ٿي ته چاچا حڪومت ڇڏي ڏيو پر چاچا هڪ ووٽ جي اڪثريت تي حڪمران حلقن کان ڏيڍ سال جي ضمانت گهري رهيو آهي. جيڪا کيس نه پئي ملي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي سوموٽو فيصلي بدنام سياستدانن جا ڪيس ختم ڪرڻ جو رستو روڪي ڇڏيو.شيخ رشيد چيو ته حڪومت جي قومي سلامتي ڪائونسل ۾ معاشي فيصلا ڪرڻ جي سازش قوتن کي نئين مشڪلاتن ۾ وجهي سگهي ٿي، معيشت جي خوفناڪ تباهي تي خاموشي قومي گناهه آهي، زندگي ۽ موت جو معاملو آهي، اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري چوڌري شجاعت کي مبارڪباد ڏيڻ نه پر ٻن ڀائرن کي ويڙهائڻ ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں