80

حڪومت وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهي ٿي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته نئين مينڊيٽ جي حق ۾ آهيون، حڪومت جلد چونڊون ڪرائي سگهي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪنوينر ايم ڪيو ايم خالد مقبول صديقي چيو ته حڪومت جو مدو 17 آگسٽ 2023 تائين آهي، حڪومت کي عوام جي عدالت ۾ وڃڻ جو حق آهي، نئين مينڊيٽ جي به حمايت ڪريون ٿا. حڪومت جلد چونڊون به ڪرائي سگهي ٿي.هڪ سوال جي جواب ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته جلسن جلوسن سان ڪمزور حڪومتن تي دٻاءُ پوندو آهي، ملڪ کي پنهنجي سياست لاءِ معاشي بحران ۾ نه ڌڪيو وڃي، عالمي مارڪيٽ سبب پيٽروليم مصنوعات متاثر ٿينديون آهن، اسان جو موقف آهي ته اهڙي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن ملڪي معيشت ۽ غريب طبقو متاثر نه ٿئي. اسان ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ معاهدو نه ورڪنگ رليشن آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں