80

ناڻي واري وزير پاران ملڪي معيشت ۾ جلد تبديلي جي اميد ظاهر

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ملڪي معيشت ۾ جلد تبديلي جي اميد ظاهر ڪئي آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته اپريل ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيو ۽ اپريل جو خسارو 9 مهينن جي سراسري خساري جو اڌ آهي جيڪو سٺي نشاني آهي جڏهن ته پرڏيهي استحڪام لاءِ به سٺي نشاني آهي.ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان مثبت ڳالهيون هلي رهيون آهن، ملڪ معيشت ۾ تيزي سان تبديليون ڏسي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں