117

آمريڪي ڊالر جي بريڪ فيل، 205 رپين تائين وڪرو، سون به 138600 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ) ڊالر کي بريڪ نه لڳو ، 205 رپين تائين وڪرو، سون به 138600 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا اضافي سان 138200 مان 138600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  چاندي 10 رپيا واڌ سان 1480 مان 1490 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 201 مان 202 رپيا ۽ انٽر مارڪيٽ ۾ 198.39 مان 200 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته مارڪيٽ ۾  ڊالر  سڃاڻپ ڪارڊ  تي 204 ۽ بنا ڪارڊ جي 205 رپين تا ئين وڪرو  ٿيو، ٻئي طرف وپارين  موجب هلندڙ سال دوران ڊالر  42 رپيا مهانگو ٿيو آهي، ٻئي طرف  پائونڊ 243 ۽ يورو 201 رپين تي پهتا، هوڏانهن  معاشي ماهرن موجب امپورٽ بل ۾ واڌ ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا  گهٽجڻ سبب ڊالر  جي اگهه تي في الحال ڪنٽرول ممڪن ناهي، آءِ ايم ايف پيڪيج ملڻ بعد بهتري ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں