66

آصفه ڀٽو طرفان بينظير ڀٽو ۽ شيخ خليفه بن زايد النهيان جي ناياب تصوير ۽ تفصيل جاري

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شيخ خليفه بن زايد النهيان سان تصوير وائرل ٿي وئي آهي.آصفه ڀٽو انسٽاگرام تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شيخ خليفه بن زايد النهيان جي ملاقات جي تصوير شيئر ڪئي آهي.انسٽاگرام تي تصوير جاري ڪندي آصفه ڀٽو لکيو ته شيخ زايد بن سلطان النهيان پهريان عالمي اڳواڻ هو جنهن شهيد بينظير ڀٽو جي متحده عرب امارات ۾ آجيان ڪئي.هن لکيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان آخري عالمي اڳواڻ هو جنهن سان سندس ملاقات 2007 ۾ متحده عرب امارات مان نڪرندي وقت ٿي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ متحده عرب امارات جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں