68

پنجاب ۾ اڪثريت آهي، وڏو وزير حمزاه شهباز ڪاڏي نه پيو وڃي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (رپورٽر) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز ڪاڏي نه پيو وڃي، پنجاب ۾ اسان کي اڪثريت آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان متاثر ميمبرن سپريم ڪورٽ وڃڻ جو حق رکن ٿا، جن ميمبرن خلاف فيصلو آيو، ممڪن آهي هو سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏين.وڏي وزير بابت سندس چوڻ هو ته حمزا شهباز وڏي وزير طور پنجاب ۾ پنهنجو ڪم جاري رکندو، هو ڪاڏي ڪون پيو وڃي، پنجاب ۾ اسان جي اڪثريت آهي.اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي نامزد گورنر بليغ الرحمان پهرين جون تي قسم کڻندو ۽ سندس قسم کڻڻ کانپوءِ صوبائي ڪابينا جوڙي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں