83

وزيراعظم هائوس ۾ 25 ارب رپين جي يونيورسٽي ٺاهڻ جو ڊرامو رچايو ويو: احسن اقبال

اسلام آباد (رپورٽر) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ 25 ارب رپين مان يونيورسٽي ٺاهڻ واري منصوبي جو ڊرامو ڪيو ويو، خبر ناهي اهي فنڊ ڪاڏي ويا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن قبال چيو ته سياسي ۽ غير اهم منصوبا ختم ڪنداسين، قومي منصوبن لاءِ فنڊ رکنداسين.وفاقي وزير چيو ته فيڊرل پي ايس ڊي پي ۾ 42 سيڪڙو منصوبا صوبن جا آهن، صوبن جي منصوبن کي صوبن جي فنڊن مان مڪمل ٿيڻو آهي.هن وڌيڪ چيو ته چئن ورهين ۾ حڪومت ڪندڙ هڪ مهيني واري حڪومت تي الزام مڙهي رهيا آهن، هن آخري سال گذريل حڪومت جي کنيل قدمن کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں