73

ڪشمير کي پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ تي پاڪستان جو ڀارت کي ڀرپور جواب

اسلام آباد (م ڊ) ڀارتي سفير طرفان ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ تي پاڪستان ڀارتي حڪومت کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي سفير طرفان ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ تي گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني قونصلر عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير نه پهريان ڪڏهن ڀارت جو حصو رهيو آهي ۽ نه هاڻي ان تي ڀارت جو ڪو به حق ناهي، ڄمون ڪشمير گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جي مستقبل بابت فيصلي جو اختيار ڪشمير واسين کي آهي.هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن کي مڃي چڪو آهي ۽ هاڻي ان تي عملدرآمد ٿيڻو آهي، ڀارتي موقف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي ستن ڏهاڪن کان مسلسل ڀڃڪڙي آهي، ڀارت ڄمون ڪشمير ۾ جغرافيائي تبديلوين ڪري اتان جي مسلمانن کي هندو آبادي جي ڀيٽ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.پاڪستاني قونصلر چيو ته ڀارت جي پاڪستان تي دهشتگردي جا ڪوڙا الزام حقيقت ۾ ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي رياستي دهشتگردي کي لڪائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، تاريخ شاهد آهي ته قابض قوتون پنهنجي ڏاڍ کي سهي ثابت ڪرڻ لاءِ آزادي جي تحريڪن کي دهشتگرد طور تي پيش ڪنديون آهن، هي ڳالهه ڪٿي لکي رکي ڇڏيو ته ڪشميري عوام پنهنجي حق خود اراديت تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان والاريل ڄمون ڪشيمر ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي کي وائکو ڪندو رهندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ  کي ڪشمير جي مسئلي جو واحد حل جي صورت ۾ پاڪستان آواز بلند ڪندو رهندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں