53

غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين ۽ افغان شهرين خلاف 31 مارچ کان پوءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين ۽ افغان شهرين جي خلاف 31 مارچ 2025 کان پوءِ سخت ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته غيرقانوني  پرڏيهين جي ملڪ واپسي جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين ۽ افغان شهر جي ڪارڊ هولدرذ جي پاڪستان ڇڏڻ جي ڊيڊ لائن 31 مارچ  ڪئي وئي آهي.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مقرر تاريخ کان پوءِ رهندڙ غيرقانوني، پرڏيهين ۽ افغان شهرين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن افغان شهرين کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو باعزت طور تي واپس هليا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں