اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ سان ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي.
سينيٽ جي اجلاس ۾ اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي رولنگ ڏيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ جي 245هين اجلاس ۾ سينيٽر اعجاز چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا. ميڊيا رپورٽن مان خبر پئي آهي ته اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪيو ويو.
هن چيو ته سينيٽر اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ جو معاملو استحقاق ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ سان ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي.
(ن) ليگ جي پارلياماني اڳواڻ عرفان صديقي ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽ چيئرمين صاحب اوهان اسان جو گهڻو امتحان ورتو. اوهان ميمبرن جي استحقاق لاءِ ڪابه رولنگ ڏيندا آهيو ته سمورو ايوان اوهان سان گڏ بيٺل هوندو آهي. ٻنهي سينيٽرز جي پروڊڪشن آرڊرز تي عمل ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته هاڻ استحقاق ڪميٽي انهي معاملي کي ڏسندي.
هن چيو ته قيد ڪاٽڻ سياستدانن جو زيور آهي، سينيٽ چيئرمين صاحب اوهان 9 سال نوازشريف گڏيل طور تي 4 سال قيد ڪاٽي. ڪنهن به قيدي تي تشدد نه ٿي رهيو آهي جيل ۾ پريشانيون ٿينديون آهن پر تشدد واريون ڪهاڻيون بيان نه ڪريو، اوهان جي جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر تي عمل ٿيڻ گهرجي.