65

عمران خان حڪم ڪري ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس: چوڌري پرويز الاهي

لاهور (رپورٽر) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان مونکي چوندو ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس.اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري معاملي تي ردعمل ڏيندي پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۾ نيون چونڊون ٿينديون، اليڪشن ڪميشن اسان جي 5 نون ميمبرن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندو.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو اميدوار آهيان، جيڪڏهن ته عمران مونکي چوندو ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس .پرويز الاهي چيو ته اليڪشن ڪميشن باغي ميمبرن کي رڳو ڊي سيٽ ناهي ڪيو پر کين نااهل ڪري ڇڏيو آهي، انهن ميمبرن جي سياست هاڻي ختم ٿي وئي آهي.سندس چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي جو ايندڙ اجلاس جي حڪمت عملي جوڙينداسين، پنجاب اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ اليڪشن پڻ ڪرائينداسين.پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته ن ليگ جا 7 مان 8 ماڻهو هاڻي اسان سان گڏ آهن، اهي جڏهن غير حاضر ٿيندا ته انهن جا وڌيڪ ماڻهو گهٽجي ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں