77

انتهائي ڏکيو وقت پيو هلي، قرباني ڏيڻي پوندي: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيندي ڏسي حڪومت تيل سستو ڪري ڇڏيو، جيڪا سپورٽ لاڏلي کي ملي اسان جي ڪنهن حڪومت کي ان جي 30 سيڪڙو سپورٽ ملي ها ته پاڪستان بي انتها ترقي ڪري ها، چئن ورهين ۾ ڊالر 115 کان 189 تائين وڃي پهتو ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي.ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري تي واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آگسٽ 2018ع ۾ ڊالر 115 رپين جو هو ان وقت ڪا به سياسي ڇڪتاڻ ڪانه هئي، اسان جي دور ۾ جديد بجلي جا منصبوبا لڳا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي ته پوءِ وري ڇو شروع ٿي وئي.هن ڀارت سان ملڪي اقتصادي صورتحال ڀيٽيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت اسان ڏي ميري اک کڻي ڏسندو ته ان کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏينداسين، اسان جوهري ميدان ۾ ان کي بدترين شڪست ڏئي سگهون، پر آءِ ٽي جي شعبي ۾ سميت ٻين شعبن ۾ اسان انهن جو مقابلو نٿا ڪري سگهون، پاڪستان آءِ ٽي ۾ 15 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ ڪري سگهي ٿو.وزيراعظم چيو ته ساڍن ٽن ورهين ۾ گذريل حڪومت 22 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، قوم لوڊشيڊنگ شروع ٿيڻ جو جواب گهري ٿي، ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪن ٿا، وري امپورٽ ڪن هي سياسي افراتفري هئي،هنن پنهنجي بدترين بدانتظامي کانپوءِ ماڻهن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.هن چيو ته مون امپورٽ تي ڊيوٽي ناهي وڌائي جڏهن ته لگزري آئٽم تي ڪجهه وقت لاءِ پابندي لڳائي آهي، اسان گاڏيون گهرائي وٺون ۽ غريب کي ٽٽل سائيڪل به نه ملي تعش واري سامان تي پابندي سان 4 ارب ڊالر بچندا جيڪي خوردني تيل تي خرچ ڪنداسين.شهباز شريف چيو ته ڏکيو وقت آيو آهي ته قرباني ڏئڻي پوندي، سي پيڪ تي لڳندڙ الزامن سان چين ڏاڍو ناراض ٿيو هو، چين ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ سنجيدگي جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، سنڌ حڪومت، ايم ڪيو ايم ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجن ۽ منصوباندي ڪن، هڪ ارب رپين جي سيڙپڪاري موجود آهي ان جو پلان ترتيب ڏين.هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي واري مسئلي جي حل لاءِ سعودي عرب هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪرڻ جو تحفو ڏنو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں