ڪراچي:ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ سمندري بابا مزار ڀرسان مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 25 زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 60 ورهين جي پنا زال محمد علي، 35 ورهين جي ڪوثر، 59 ورهين جو عبدالغفور ۽ 25 ورهين جي غلام فريد جي نالن سان ٿي آهي. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
مسافر بس سکر کان ڪراچي طرف اچي رهي هئي ته لنڪ روڊ سمندري اسٽاپ وٽ پيش آيو، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي ۾ زخمي ٿي ويلن جي سڃاڻپ نواز، اويس، عبدالغني، محمد افضل، ضمير، سنگهار، غلام سرور، ساجد، ڪاشف ۽ عورتن ۾ مصبا، بختاور، سردارا، پري زادي شامل آهن زخمين ۽ فوتين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.