لاهور: پاڪستاني شهرين جي ڀارت مان واپسي لاءِ واهگا بارڊر جي دستيابي بابت پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته لاڳاپيل بارڊر آئنده به پاڪستاني شهرين جي لاءِ کليل رهندو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت طرفان پاڪستاني شهرين جا ويزا ملتوي ڪرڻ جو فيصلو سنگين انساني مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. ميڊيا جي سوالن تي ترجمان شفقت علي خان چيو ته واهگا اٽاري بارڊر ڪراس ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 اپريل هئي انهي حوالي سان اسان کي ڪجهه پاڪستاني شهرين جي اٽاري تي ڦاٿل هجڻ جي ميڊيا رپورٽن جي خبر آهي.
ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڀارتي اختياريون پنهنجي طرفان پاڪستاني شهرين کي سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون ته اسان انهي کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. واهگا بارڊر آئنده به پاڪستاني شهرين جي لاءِ کليل رهندو.
شفقت علي خان موجب ڪيترائي مريض جن جي صحت نازڪ هئي، پنهنجو علاج مڪمل ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان واپس اچڻ تي مجبور ٿيا، خاندان جي وڇڙيل ٻارن جي هڪ والدين کان جدا ٿيڻ جون رپورٽون به مليون آهن.
ياد رهي ته ڀارت مان 20 پاڪستاني اڄ به واهگا بارڊر جي ذريعي پاڪستان پهتا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن واضح ڪيو هو ته ڀارت ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي لاءِ واهگا بارڊر کليل رهندو. ڀارتي حڪومت پاڪستاني شهرين جي واپسي لاءِ 30 اپريل جي ڊيڊ لائن ڏني هئي.