102

قومي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار تعريف جوڳو آهي: نوازشريف

اسلام آباد:  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود سمورن سياسي پارٽين جو هڪ زبان ٿي آواز اٿارڻ خوشي جوڳو قدم آهي.

سينيٽ ۾ مسلم ليگ(ن) پارلياماني پارٽي جي سربراهه ۽ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي سان ملاقات ۾ نوازشريف چيو ته پارليامينٽريز جي انهي ڪردار سان قومي يڪجهتي کي هٿي ملندي ۽ عوام ۾ به اتفاق ۽ اتحاد جي فضا پيدا ٿيندي.

سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي پارٽي جي سربراهه نوازشريف کي سينيٽ ۾ مسلم ليگ(ن) پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. هن ملڪي دفاع جي گڏيل ارادن جي اظهار ٻڌل قرارداد جو به ذڪر ڪيو. جنهن جي تياري ۽ تائيد ۾ سمورين پارٽين حصو ورتو.

نوازشريف چيو ته اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر ملڪي دفاع جي عظيم مقصد جي لاءِ هر طرح جي اختلافن کي سائيڊ ۾ رکڻ سٺي روايت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں