78

وزيراعظم سان سعودي سفير جي ملاقات، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سعودي عرب خطي ۾ امن، سلامتي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

رپورٽ موجب ملاقات دوران وزيراعظم حرمين شريفين جي متولي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز  السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعودي قيادت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو ته انهن هميشه پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

پهلگام واقعي کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلن ۽ مظاهرن جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان گذريل سال ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ وڏيون قربانيون آهن جيڪي نه صرف پاڪستان پر سموري دنيا جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف ڀارت جي بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان پاڪستان کي جوڙڻ جي بي بنياد ڀارتي الزامن کي هڪ طرفو قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري عالمي جاچ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سميت دوست ملڪن جي تعاون سان گذريل 15 مهينن جي محنت سان حاصل ٿيل معاشي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ تي حڪومت جي مڪمل ڌيان کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪاميابين کي خطري ۾ وجهڻ ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي کي رستي تان هٽائڻ جون ڀارتي ڪوششون ناڪام ٿينديون.

هن سعودي عرب سميت پاڙيسري ملڪن تي زور ڏنو ته اهي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ هندستان تي دٻاءُ وجهن. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن واستحڪام جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. سعودي سفير انهي اهم معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب خطي ۾ امن وسلامتي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں