125

لاهور: ڪاهنه ۾ ٻن ڀائرن ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ڀيڻ ۽ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٻن ڀائرن مبينه طور تي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب مارجي ويل عورتن جي سڃاڻپ رخسانه بي بي ۽ سندس 25 ورهين جي ڌيءَ رمشا جي نالي سان ٿي آهي. جوابدارن جي سڃاڻپ علي حسن ۽ علي زين جي نالي سان ٿي، ٻئي جوابدار رخسانه بي بي جا پٽ آهن.

هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته رمشا بنا ٻڌائڻ جي گهر مان هلي وئي هئي جيڪا ڪافي ڏينهن کان پوءِ گهر واپس آئي هئي، جوابدارن الزام لڳايو ته مذڪوره عورت جا هڪ شخص سان لاڳاپا هئا، ڪيترن ڏينهن تائين گهر کان ٻاهر رهڻ تي عورت کي تشدد جو پڻ نشانو بنايو ويو. جوابدارن الزام لڳايو ته سندن ماءُ اسان جي ڀيڻ جي حمايت ڪري رهي هئي.

پوليس جي هڪ عهديدار مارجي ويل عورتن جي ڪجهه ويجهن مائٽن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڇوڪري عدالت ۾ پيار جو پرڻو به ڪيو آهي پر انهي جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. پوليس لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن جي خلاف ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں