88

يورپي يونين جو پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن سان رابطو، صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور

نيويارڪ: يورپي يونين پاڪستان ۽ ڀارت کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجاڪلاس پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار يورپي يونين پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجاڪلاس سان رابطي ۾ ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزيرن سنڌ طاس معاهدي کي روڪڻ واري ڀارت جي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

پرڏيهي وزير چيو ته معاهدو روڪڻ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، اڳواڻن آزاد ۽ شفاف جاچ جي لاءِ پاڪستان جي تجويز جو ارادو ڪيو. انهي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجاڪلاس چيو آهي ته مون ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين کي اڳيان وڌائيندا، ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪنهن جي لاءِ به فائديمند نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں