97

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ برسات جا وسڪارا

حيدرآباد: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ برسات جا وسڪارا ٿيا.

جنهن ۾ حيدرآباد، مٽياري، هالا نوري آباد قبعو سعيد خان ۽ ٻين مختلف علائقن ۾طوفان سان گڏ برسات جا وسڪارا ٿيا آهن. ڪيترن ئي  هنڌن  تي طوفان سبب وڻ اکڙي ويا جڏهن ته انبن جي باغن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون.

هوڏانهن حيدرآباد، هالا ناڪا ويجهو خورشيد ٽائون ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب باهه لڳي وئي، باهه ڪيترن ئي گهرن کي وڪوڙي ڇڏيو. تيز هوا جي ڪري باهه آس پاس جي علائقن ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، جنهن سبب رهواسين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي به هلڪي برسات شروع برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن واھي پانڌي، ساوڙو ۾ بونداباندي سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں