93

واشنگٽن ڊي سي ۾ “فرينڊز آف ڪشمير” جي سڏ تي ڀارتي سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو

واشنگٽن: آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ “فرينڊز آف ڪشمير” جي سڏ تي ڀارتي سفارتخاني آڏو وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني، ڪشميري ۽ سِک برادريءَ شرڪت ڪئي.

مظاهرين مودي حڪومت خلاف نعرا هنيا، “مودي دهشتگرد آهي”، “ڪشمير آزاد ٿيندو”، ۽ “خالصتان بڻجي رهندو” جا نعرا لڳايا. مظاھرو فرينڊس آف ڪشمير غزاله حبيب جي اڳواڻي ۾ سندس سڏ تي ڪيو ويو، مظاھري کي غزاله حبيب بلوندر سنگھ، محمد زبير خان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پهلگام وارو واقعو مودي سرڪار جو فالس فليگ آپريشن آهي، جنهن جو مقصد ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي بدنام ڪرڻ هو.

مقررن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي ظلمن خلاف آواز بلند ڪري ۽ ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏياريو وڃي ته جيئن هو آزادي سان زندگي گذاري سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں