سانگهڙ:سانگهڙ ڀرسان سنجهورو ٿاڻي جي حد ڳوٺ 23 چڪ ۾ مڙس پستول جا فائر ڪري ننڊ ستل ناٺي ۽ گهر واري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙو پڻ به زخمي ٿيو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي.
هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس پهڇي قتل ٿي ويلن جي لاش تعلقه اسپتال سنجهورو پهڇايا جتي سندن سڃاڻپ اميران ڀنڊ ۽ نديم ڀنڊ طور ٿي آهي جنهن جا لاش تعلقه اسپتال ۾ پيل آهين جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا
واقعي باپت سنجهورو پوليس چوڻ هو ته جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهجي گهر واري ۽ ناٺي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون هوڏانهن واقعي بعد فوتين گهرن ۾ قهرام متل آهي