حيدرآباد: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڇنڇر جي شام کنوڻ سان تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته تيز هوائن سبب 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.
حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ٽنڊوالهيار سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڇنڇر جي شام تيز هوائن، کنوڻ سان برسات پئي جنهن سبب حيسڪو ريجن ۾ 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا ۽ ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.
انهي کان علاوه حيدرآباد ۾ گهرن جون ڇتون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٺٽي ۾ شادي جي تقريب ۾ لڳل شاميانا ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن مٽياريءَ ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب انبن جي باغن کي به سخت نقصان پهتو آهي.
ٻئي طرف ڊيره غازي خان، ميانوالي، لودهران ۽ بهاوالپور سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته بهکر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن.