83

وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ 140 سيڪڙو اضافو، صدر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيوآهي.  وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ 140 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايف بي آر جي اختيارن کي وڌيڪ واڌ ڏيندي آفيسرن کي ڪنهن به بزنس، جڳهه، فيڪٽري تي غيرقانوني سامان کي قبضي ۾ وٺڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري پگهار مراعت واستحقاق ايڪٽ 1975ع ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو جنهن جي تحت وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ 180 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جون پگهارون پارليامينٽ ميمبرن جي برابر هونديون.

آرڊيننس موجب وفاقي وزيرن جون پگهارون 2 لک 18 هزار روپين مان وڌائي 5 لک 19 هزار ڪيون ويون آهن، پگهارن ۾ اضافو پهرين جنوري 2025 کان ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ايف بي آر جو ٽيڪس ريڪوري جي لاءِ اختيار وڌيڪ وڌائيندي فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005 ۾ به ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جي تحت پهرين اپيل جي خاتمي تي ايف بي آر ادا ڪرڻ جوڳي ٽيڪس جي فوري ريڪوري ڪري سگهندو. اڪائونٽ فوري منجمد ڪرڻ ۽ ڪاروباري هنڌن تي آفيسر مقرر ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي. پيداوار ۽ اسٽاڪ جي نگراني به ڪري سگهندو.

صدر آصف زرداري جي منظوري کان پوءِ سي ڊي اي ترميمي آرڊيننس جو گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ معاوضو صرف روڪ جي صورت ۾ نه پر زمين يا ٻين شڪلن ۾ به ادا ڪري سگهبو. ڊپٽي ڪمشنر زمين ۽ بلڊنگز لاءِ ڌار ڌار ڪنٽريڪٽ ايوارڊ ڪرڻ جا مجاز هوندا.

ياد رهي ته انهي کان اڳ هلندڙ سال فيبروري ۾ وزيراعظم شهباز شريف تنقيد کي رد ڪندي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں