اسلام آباد: ) ڀارت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو به ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت پهلگام فالس فليڪ ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻ اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن حقيقت ڀارتي عوام جي سامهون نه اچي سگهي.
ڀارت جون سموريون جعلي ڪارروائيون بي نقاب ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مودي سرڪار پاڪستان جي سياسي اڳواڻن جا ايڪس اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پر انهي جي باوجود هو سچ جي آواز دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
ٻين سياسي اڳواڻن جا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان جا به ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن ڀارت اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ جو به ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو. انهي کان اڳ ڀارت طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو به سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪيو ويو هو.