72

پوليس پاران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر جو سرچ آپريشن

اسلام آباد (م ڊ) پوليس پاران گذريل رات اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر جو سرچ آپريشن ڪيو ويو.ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بني گالا ۾ رهائشگاهه ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس پهچي وئي، جنهن ۾ سيڪيورٽي ادارن جون گاڏيون به وڏي انگ ۾ موجود هيون.پوليس اهلڪارن سان گڏ قيدين جون ويگنون به موجود هيون، جڏهن ته سينيئر پوليس آفيسر به جوانن سان گڏ بني گالا پهتا.پوليس جي وڏي نفري کي ڏسي بني گالا ٻاهران موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن پنهنجو ڀرپور دفاع ڪيو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان کان علاوه ڪارڪنن عمران خان ۽ بني گالا جي بچاءَ ۾ پوليس آڏو لٺيون کڻي بيهي رهيا، جنهن بعد پوليس سرچ آپريشن روڪي ڇڏيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور واقعي واري هنڌ پهچي ويو.پوليس کي هڪ ڪلاڪ تائين صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد سرچ آپريشن ڪرڻ کان روڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں