اسلام آباد: پاڪستان ڀارت جي خلاف پنهنجي دفاع ۾ ايٽمي ۽ روايتي ٻئي طاقتون استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پهلگام فالس فليگ کان پوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايو جنهن جو پاڪستان پڪين شاهدين سان ترديد ڪري چڪو آهي. ڀارت بنا ڪنهن جواز يا ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائي پنهنجي ساک کي عالمي سطح تي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
انهي حوالي سان پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت طرفان حملو ڪيو ويو ته مڪمل طاقت سان جواب ڏنو ويندو. پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ايٽمي ۽ روايتي طاقت ٻنهي جو استعمال ڪندو.
محمد خالد جمالي چيو ته اسان وٽ انٽيليجنس شاهديون آهن ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي. ڀارت انهي کان اڳ به ڪيترائي فالس فليگ آپريشنز ڪري الزام پاڪستان جي مٿان لڳائي چڪو آهي. پاڻي جي مسئلي تي ڪنهن به جارحيت جو جواب جنگ سان ٿيندو. ڀارت طرفان حملي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي سرحدن جي دفاع ۾ ڪنهن به حد تائين ويندو.
پاڪستاني سفير چيو ته ڀارت طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن، جنهن جو حقيقت سان پري پري تائين ڪوبه تعلق ناهي، اسان ڀارتي جنگي پروپيگنڊا کي رد ڪريون ٿا. اسان کي پنهنجي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جو پورو حق آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته پهلگام حملي جي اڻڌري جاچ ڪئي وڃي. چين ۽ روس کي پهلگام حملي جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪريون ٿا.