ڪراچي : سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ڀارت طرفان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارتي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪري بزدلي جو نئون مثال قائم ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو اڪائونٽ بند ڪرڻ رڳو ڊجيٽل سينسرشپ ناهي پر مودي سرڪار ۽ بي جي پي جي خوف کي ظاهر ڪري ٿو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هميشه ڪشميري عوام جو آواز دنيا تائين پهچائيندو آهي، هو جمهوريت جو نمائندو ۽ امن جو علمبردار آهي، مودي سرڪار هر اهو آواز دٻائڻ چاهي ٿي، جيڪو سندن انتهاپسندي کي چيلينج ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته اهو قدم بي جي پي جي وائڙائپ، گهٻراهٽ، اڻ سهپ ۽ سفارتي محاذ تي مڪمل ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو.
