واشنگٽن :آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي نٿو ڄاڻان ته مون کي آمريڪي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي يا نه.
آچر ڏينهن نشر ٿيندڙ هڪ ٽيلي ويزن انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهڻ تي سنجيدگي سان غور نه پيو ڪيان، توڙي جو ڪجهه ڏينهن اڳ هن هڪ ٻئي انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ٽئين مدي لاءِ به صدارتي چونڊ وڙهڻ جو واضح اشارو ڏنو هو.
ميزبان طرفان ٽرمپ کان پڇيو ويو ته سندس خيال ۾ کيس ملڪ جي سپريم لا جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ته ٽرمپ جواب ڏنو مون کي ناهي خبر.
خاص طور اهو پڇڻ ته ڇا آمريڪي شهرين ۽ پرڏيهين، ٻنهي خلاف قانوني ڪارروائي منصفاڻي، شفاف ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ انهن کي پنهنجي دفاع جو مناسب موقعو ملي، جيئن آمريڪي آئين ۾ بيان ڪيو ويو آهي تي ٽرمپ چيو ته مان وڪيل ناهيان، مون کي ناهي خبر.
